Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:7 - Hindu Sindhi Bible

7 جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن شاستر جي ڳالهين مطابق جيون گذاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ ڏس، آئون جلد ٿو اچان. مبارڪ اُهو آهي جو هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي ٿو هلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مطابق زندگي گذاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ سڀاڳو آھي اھو جيڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين کي مڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو شاستر ۾ لک ۽ اهو ستن ئي منڊلين ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


سڀاڳو آهي اهو جيڪو انهيءَ لکت جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اهي جيڪي ٻڌي ڪري انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آهي.


انهيءَ ڪري پرڀو يسوع فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“


سو توبهہ‌تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس.


جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو ڦل مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان.


آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن شاستر جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ ايشور هن شاستر ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.


جيڪڏهن ڪو هن شاستر جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ ايشور جيون ڏيندڙ وڻ ۽ پوِتر شهر مان، جن جي ڳالهہ هن شاستر ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي پرڀو يسوع! اچ.


شل پرڀو يسوع جي ڪرپا سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن تي ٿيندي رهي. آمين.


آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي.


تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ