Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:5 - Hindu Sindhi Bible

5 اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ پرڀو پرميشور انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:5
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي،


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي امر جيون.“


اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي ڪرپا ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ ملي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا.


جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ راڄ بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو.


جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“


ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀَٽڪي ويون آهن.


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوجا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيوت ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا رهيا.


سڀاڳا ۽ پوِتر آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيوت ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي ايشور ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا.


اُن ۾ ايشور جي جوت هئي ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور.


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ حاوي پيس ۽ پنهنجي پتا سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ