Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:2 - Hindu Sindhi Bible

2 انهيءَ شهر جي وڏي رستي جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي جيون ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀيئي قومون ڇٽي چڱيون ڀليون پئي ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي زندگيءَ جو وڻ هو، جنهن ٻارهن قسمن جا ڦل ٿي ڏنا، ۽ هر مهيني منجهس نوان ڦل ٿي لڳا؛ ۽ اُنهي وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ شهر جي سڙڪ جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي زندگي ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀني قومن کي شفا ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 انھيءَ شھر جي سڙڪ جي وچ مان وھي رھيو ھو. درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي زندگيءَ جو وڻ ھو، جنھن سال ۾ ٻارھن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ ھر مھيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انھيءَ وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”پرميشور مون کي پنهنجي آتما سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


هو پاڻ اسان جا پاپ پنهنجي شرير تي کڻي سوليءَ تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاپن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيوت رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ جيون ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو ايشور جي باغ، يعني سُرڳ ۾ آهي.“


شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جو وڏو رستو خالص سون جو هو ۽ شيشي جهڙو صاف هو.


انهيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ ڌرتيءَ جا راجا پنهنجي شان وَ شوڪت وارو سامان منجھس آڻيندا.


پوءِ انهيءَ دوت مون کي امرت‌جل جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ ايشور ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي جيون ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


جيڪڏهن ڪو هن شاستر جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ ايشور جيون ڏيندڙ وڻ ۽ پوِتر شهر مان، جن جي ڳالهہ هن شاستر ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ