Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:17 - Hindu Sindhi Bible

17 پوِتر آتما ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿيون تہ ”اي پرڀو يسوع! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو امرت‌جل مفت پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پاڪ روح ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اي خداوند عيسيٰ! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو آبِ‌حيات مفت پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پاڪ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اچ“ ۽ ھر ٻڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آھي سو ڀلي اچي ۽ جنھن جي مرضي ھجي سو آبِ⁠حيات مفت پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:17
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها ڳالهہ ٻڌي ٻنهي چيلن يسوع جي پٺيان هلڻ شروع ڪيو.


يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“


ناريءَ کيس چيو تہ ”سوامي! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين جيون جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان جيون جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس امر جيون ڏيندو.“


”هلو ۽ هڪ شخص تہ ڏسو، جنهن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آهي. ڇا اهو مسيح تہ نہ آهي؟“


پوءِ تنبن واري تهوار جو انتم ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي يسوع اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.


جڏهن تہ ايشور پنهنجي ڪرپا واري بخشش سان يسوع مسيح ۾ مڪتيءَ سبب ئي انهن سڀني کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


اسان کي سنساري آتما نہ، بلڪ ايشور جي طرفان پوِتر آتما مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي ايشور اسان کي بخشيون آهن.


پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي پرڀو يسوع جا ٿي ٿا مرن.‘“ پوِتر آتما چوي ٿي تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ جيون ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو ايشور جي باغ، يعني سُرڳ ۾ آهي.“


مون پوِتر شهر، يعني نئون يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ امرت‌جل جي چشمي مان مفت پيئاريندس.


پوءِ اهي ست دوت جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي پتني آهي.“


پوءِ انهيءَ دوت مون کي امرت‌جل جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ ايشور ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري


پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”مون يسوع پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو وشواسي منڊلين کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ راجا دائود جي پيڙهيءَ ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ