Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:1 - Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ انهيءَ دوت مون کي امرت‌جل جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ ايشور ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي آبِ‌حيات جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:1
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ ايشور جي جوت منش‌پتر مان ظاهر ٿيندي تہ ايشور بہ هن کي پنهنجي جوت ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس.


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پتا وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جي آتما جيڪا پتا مان نڪري ٿي، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان جيون جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس امر جيون ڏيندو.“


هو پنهنجي پتا يعني ايشور جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان وچن ڪيل پوِتر آتما وٺي هن اها اسان تي پرگھٽ ڪئي آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاش‌واڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


اُن ۾ ايشور جي جوت هئي ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور.


هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ امرت‌جل جي چشمي مان مفت پيئاريندس.


پوءِ اهي ست دوت جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي پتني آهي.“


پوِتر آتما ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿيون تہ ”اي پرڀو يسوع! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو امرت‌جل مفت پيئي.


پوءِ انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون وشواس جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ پرڀو پرميشور، جيڪو پنهنجي سنديش ڏيندڙن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪري ٿو، تنهن پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن.


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ حاوي پيس ۽ پنهنجي پتا سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


پوءِ سموري مخلوق جيڪا آڪاش ۾، ڌرتيءَ تي، ڌرتيءَ جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي مهما، مان‌سمان، مهانتا ۽ شڪتي شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن مهاتمائن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون ايشور جون ست آتمائون آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليون ويون آهن.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ