Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:6 - Hindu Sindhi Bible

6 هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ امرت‌جل جي چشمي مان مفت پيئاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ آبِ‌حيات جي چشمي مان مفت پيئاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ھن مون کي چيو تہ ”اھي ڳالھيون پوريون ٿي چڪيون آھن. آءٌ اول ۽ آخر، ازلي ۽ ابدي آھيان. جيڪو اڃايل آھي تنھن کي آبِ⁠حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:6
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“


ناريءَ کيس چيو تہ ”سوامي! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين جيون جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان جيون جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس امر جيون ڏيندو.“


جڏهن تہ ايشور پنهنجي ڪرپا واري بخشش سان يسوع مسيح ۾ مڪتيءَ سبب ئي انهن سڀني کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


هن تہ پنهنجو پٽ بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


اسان کي سنساري آتما نہ، بلڪ ايشور جي طرفان پوِتر آتما مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي ايشور اسان کي بخشيون آهن.


سو هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ بنياد تي سون، چانديءَ، هيرن جواهرن، يا وري ڪاٺ، گاهہ يا ڪکن ڪانن جي اڏاوت ڪندو،


تنهنڪري ڪوبہ ڪنهن انسان تي فخر نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور ئي سڀ ڪجھہ اوهان کي ڏنو آهي،


ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ سيواداري آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي وشواس آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح پرميشور کيس ڏنو آهي.


جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو شاستر ۾ لک ۽ اهو ستن ئي منڊلين ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي


پرڀو پرميشور، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو سروِشڪتيوان فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.


جڏهن ستين دوت پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. هائو، آءٌ ئي هميشہ کان هميشہ تائين آهيان.“


پوِتر آتما ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿيون تہ ”اي پرڀو يسوع! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو امرت‌جل مفت پيئي.


هن مون کي لوديڪيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي ايشور سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ