Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:10 - Hindu Sindhi Bible

10 هو مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ هڪڙي وڏي ۽ مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ پوِتر شهر يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان لهندو ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ هو مون کي روح ۾ هڪڙي وڏي ۽ اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هو مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ هڪڙي وڏي ۽ مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ھو مون کي رويا جي حالت ۾ ھڪڙي وڏي ۽ مٿاھين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شھر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لھندو ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ پرڀوءَ جي پوِتر آتما فلپس کي کڻي ويئي ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.


پر ايشور جي شرڻ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماتا سارہ آهي.


پرڀوءَ واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پوِتر آتما جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم،


پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پوِتر شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون.


پوءِ اهو دوت مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي ناري ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو شرير ايشور نندا جي نالن سان ڀريو پيو هئس.


مون پوِتر شهر، يعني نئون يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


تڏهن هڪدم آءٌ پوِتر آتما جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ ڇا ڏسان تہ آڪاش تي هڪڙو تخت رکيل آهي ۽ انهيءَ تخت تي ڪا هستي ويٺي آهي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ