Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:1 - Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ مون هڪڙو نئون آڪاش ۽ هڪڙي نئين ڌرتي ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آڪاش ۽ پهرين ڌرتي ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي: ڇالاءِ جو پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي؛ ۽ سمنڊ بہ ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پوءِ مون ھڪڙو نئون آسمان ۽ ھڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇالاءِ⁠جو پھريون آسمان ۽ پھرين زمين ڪانہ رھي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ ڪو وقت ايندو جڏهن رچنا کي بہ ناس ٿيڻ جي غلاميءَ کان ڇڏايو ويندو ۽ ايشور جي ٻارن جي جوت واري آزاديءَ ۾ شريڪ ڪيو ويندو.


ياد رکو، پرميشور جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آڪاش وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ ڌرتي ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


جڏهن تہ اسين ايشور جي وچن ڪيل انهيءَ نئين آڪاش ۽ نئين ڌرتيءَ جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.


پوءِ مون هڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. سندس هر سڱ تي هڪ تاج هو ۽ سندس هر مٿي تي ايشور نندا جو هڪ نالو لکيل هو.


پوءِ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري ڌرتي ۽ آڪاش گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“


آڪاش ائين ويڙهجي گم ٿي ويو، جيئن ويڙهوٽو ويڙهجي ٿو ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنهنجي جاين تان هٽي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ