Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 20:9 - Hindu Sindhi Bible

9 مون ڏٺو تہ هو ڌرتيءَ تي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ ايشور جي پياري شهر کي وڪوڙي ويا جتي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀيئي گڏجي رهن ٿا. ان وقت آڪاش مان باهہ نڪتي ۽ وڪوڙڻ وارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ هو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ پاڪ ٿيلن جي لشڪرگاهہ ۽ پياري شهر کي وڪوڙي ويندا: ۽ آسمان مان باهہ ايندي ۽ انهن کي کائي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 مون ڏٺو تہ هو ڌرتيءَ تي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ خدا جي پياري شهر کي وڪوڙي ويا جتي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀيئي گڏجي رهن ٿا. ان وقت آسمان مان باهہ نڪتي ۽ وڪوڙڻ وارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ھو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ خدا جي قوم جي لشڪرگاھہ ۽ پياري شھر کي وڪوڙي ويندا. پر آسمان مان باھہ نڪرندي ۽ انھن کي تباھہ ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 20:9
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آڪاش مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين.


ڏس، اهي ڏينهن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تنهنجو گھيرو ڪندا ۽ هر طرف کان تو کي سوڙهو ڪندا.


”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي.


تڏهن سندس چيلن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آڪاش مان باهہ اچي هنن کي ناس ڪري ڇڏي.“


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري ايشور کي ٿا ڄاڻين.


سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.


هُن وڏا چمتڪار ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آڪاش مان ڌرتيءَ تي باهہ ٿي وسايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ