Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 20:11 - Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري ڌرتي ۽ آڪاش گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 20:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين صور ۽ صيدا جي ماڻهن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.


ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


”جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ دوت ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو راجا جي حيثيت سان پنهنجي تيج واري تخت تي ويهندو


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ ايشور جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ ڏمر ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن ايشور جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


پر وجود ۾ آڻڻ واري ساڳئي ئي حڪم جي وسيلي موجودہ ڌرتي ۽ آڪاش باهہ لاءِ بچائي رکيا ويا. هائو، اهي انهيءَ ڏينهن لاءِ رکيا ويا آهن جنهن ڏينهن بي‌ڌرمين جي عدالت ڪري کين ساڙي ناس ڪيو ويندو.


پر کين شڪست آئي. تنهنڪري آڪاش ۾ انهن جي ڪابہ جاءِ نہ رهي.


سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رهيو.


پوءِ مون کي آڪاش کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو.


هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


پوءِ مون هڪڙو نئون آڪاش ۽ هڪڙي نئين ڌرتي ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آڪاش ۽ پهرين ڌرتي ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو.


پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“


تڏهن هڪدم آءٌ پوِتر آتما جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ ڇا ڏسان تہ آڪاش تي هڪڙو تخت رکيل آهي ۽ انهيءَ تخت تي ڪا هستي ويٺي آهي!


آڪاش ائين ويڙهجي گم ٿي ويو، جيئن ويڙهوٽو ويڙهجي ٿو ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنهنجي جاين تان هٽي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ