Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 20:1 - Hindu Sindhi Bible

1 اُن کان پوءِ مون هڪڙي دوت کي آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ اوڙاهہ جي چاٻي ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي آسمان مان لهندو ڏٺو، جنهن کي هٿ ۾ اوڙاهہ جي ڪنجي، ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اُن کان پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ اوڙاهہ جي چاٻي ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اُن کان پوءِ مون ھڪڙي ملائڪ کي آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو، جنھن جي ھٿ ۾ اوڙاھہ جي ڪنجي ۽ ھڪڙو وڏو زنجير ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 20:1
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڀوتن يسوع کي وينتي ڪئي تہ ”اسان کي پاتال ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“


انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.


اهڙيءَ طرح جن دوتن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي ايشور ابناسي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ مهان ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.


۽ اهو آهيان جيڪو جيوت رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيوت رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي سنسار جون چاٻيون مون وٽ آهن.


پوءِ مون هڪڙي شڪتيوان دوت کي آڪاش مان لهندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ويڙهيل هو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ هئي. هن جو منهن سج جهڙو هو ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.


ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو دوت آڪاش مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جوت جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي.


هن کيس انهيءَ اوڙاهہ ۾ اڇلائي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ تالي تي مُهر هڻي ڇڏيائين، تہ جيئن هزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري نہ ڀَٽڪائي. انهيءَ کان پوءِ ضروري آهي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ