Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 2:27 - Hindu Sindhi Bible

27-28 جيئن مون کي پنهنجي پتا کان اختيار مليل آهن. هائو، هو لوهہ جي راجائي لٺ سان انهن تي حڪمراني ڪندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَن وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. آءٌ اهڙي ماڻهوءَ کي صبح جو چمڪندڙ تارو بہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 جيئن مون کي بہ پنهنجي پيءُ کان اختيار مليو آهي. ۽ هو لوهہ جي لٺ سان انهن تي حڪم هلائيندو، ۽ هنن کي ڪنڀر جي ٿانءَ وانگر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27-28 جيئن مون کي پنهنجي پيءُ کان اختيار مليل آهن. هائو، هو لوهہ جي شاهي لٺ سان انهن تي حڪمراني ڪندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَن وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. آءٌ اهڙي ماڻهوءَ کي صبح جو چمڪندڙ تارو بہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 جيئن مون کي پنھنجي پيءُ کان اختيار مليل آھن. ھو لوھہ جي لٺ سان انھن تي حڪم ھلائيندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَ وانگر ڀڃي ڀورا ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 2:27
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پتا کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


۽ جيئن منهنجي پتا مون لاءِ راڄ مقرر ڪيو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان لاءِ راڄ مقرر ٿو ڪريان.


اي پتا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجي اها جوت ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


ناريءَ کي ٻار ڄائو، يعني اهو پٽ جيڪو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪمراني ڪندو. انهيءَ ٻار کي بچائي هڪدم ايشور ۽ سندس تخت وٽ آندو ويو.


هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ سروِشڪتيوان ايشور جي خوفناڪ ڏمر واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ