Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:8 - Hindu Sindhi Bible

8 هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ انهيءَ کي صاف چمڪندڙ سنها ڪتاني ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا؛ ڇالاءِ جو سنها ڪتاني ڪپڙا پاڪ ٿيلن جي راستبازيءَ جا ڪم آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 انھيءَ کي صاف، چمڪندڙ ۽ عمدا ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن. ڇاڪاڻ⁠تہ عمدن ڪپڙن مان مراد خدا جي قوم جي سچائيءَ جا ڪم آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي ويو. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.


تنهن تي انهيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان! تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟‘ پر هن ڪڇيو ئي ڪين.


سندس پوشاڪ اهڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو ڌرتيءَ جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اهڙو سفيد ڪري نہ سگھي.


اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن.


جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آڪاش ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا.


اٽلندو پرڀو يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ شرير جي خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


اي پرڀو! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي مهانتا ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پوِتر آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سيس نوائينديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


انهيءَ مان اهي ست دوت نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا.


آڪاش جا لشڪر سنهي وٽيل سڻيءَ جون اڇيون ۽ صاف سٿريون پوشاڪون پهري اڇن گھوڙن تي سوار سندس پٺيان پئي آيا.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باهہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ اڇا ڪپڙا بہ وٺو تہ پنهنجي اوگھڙ ڍڪي شرمسار نہ ٿيو. پنهنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ