Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:7 - Hindu Sindhi Bible

7 جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجي دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ وڌوا نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جيتري قدر انهي پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر کيس عذاب ۽ ڏک ڏيو. ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ آئون ملڪہ وانگر ويٺي آهيان، ۽ بيوهہ نہ آهيان، ۽ ڪنهن بہ طرح ماتم نہ ڪنديس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ رن‌زال نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو. ڇالاءِ⁠جو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان. آءٌ رن⁠زال نہ آھيان، ۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جوان وڌوائن کي انهيءَ ياداشت نامي ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪي پنهنجي شرير جي خواهشن جي وس هيٺ ٿي ڪري شادي ڪرڻ گھرن ٿيون، تڏهن ياداشت نامي ۾ داخلا وقت مسيح سان ڪيل وچن ٽوڙي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب ٿيون بڻجن.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي راجائن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ سنسار جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“


ڌرتيءَ جي جن راجائن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ