Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:14 - Hindu Sindhi Bible

14 اهي سوداگر بابل شهر کي چوندا تہ ”تنهنجا دل پسند ميوا تو وٽان هليا ويا ۽ سموريون لذيذ ۽ عيش عشرت واريون شيون جيڪي تو وٽ هيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ تنهنجا دلپسند ميوا تو وٽان هليا ويا آهن، ۽ جيڪي لذيذ ۽ عمديون شيون هيون، سي تو وٽان گم ٿي ويون آهن، ۽ اهي وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهي سوداگر بابل شهر کي چوندا تہ ”تنهنجا دل پسند ميوا تو وٽان هليا ويا ۽ سموريون لذيذ ۽ عيش عشرت واريون شيون جيڪي تو وٽ هيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اھي چوندا تہ ”تنھنجا دل پسند ميوا تو وٽان ھليا ويا ۽ جيڪي لذيذ ۽ عمديون شيون تو وٽ ھيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏھن بہ ھٿ ڪين اينديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي راجائن جي محلن ۾ هوندا آهن.


پر ايشور چيس تہ ’اي مورک! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“


پر ابرهام چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي جيون ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي.


اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين ايشور کان ڪونہ ٿا گھرو.


دالچيني، ننڍا ڦوٽا، اگربتي، عطر، لوبان، مئي، زيتون جو تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ وڪري لاءِ پڪڙيل انسان.


انهن شين جا سوداگر جيڪي کيس اهي شيون وڪڻڻ جي ڪري دولتمند ٿي ويا هئا، سي هن جا ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي روئندي پٽيندي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ