Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:1 - Hindu Sindhi Bible

1 ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو دوت آڪاش مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جوت جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کانپوءِ مون هڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لهندو ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار ڏنل هو؛ ۽ زمين سندس جلال سان روشن ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جلوي جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ان کان پوءِ مون ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لھندي ڏٺو، جنھن کي وڏو اختيار مليل ھو ۽ سندس جلوي جي ڪري زمين روشن ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:1
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، منش‌پتر پنهنجي موٽي اچڻ وقت ائين ظاهر ٿيندو، جيئن کِنوڻ آڪاش ۾ هڪڙي طرف چمڪندي آهي ۽ سندس چمڪاٽ هر طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي.


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي پرڀو يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي اچڻ جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


پوءِ مون هڪڙي شڪتيوان دوت کي آڪاش مان لهندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ويڙهيل هو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ هئي. هن جو منهن سج جهڙو هو ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.


پوءِ انهن ستن دوتن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور وئشيا کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.


تنهن تي انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ تو کي انهيءَ ناريءَ ۽ انهيءَ ستن مٿن ۽ ڏهن سڱن واري حيوان جنهن تي هوءَ سوار آهي، تن ٻنهي جو ڀيد بيان ڪري ٻڌائيندس.


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي جوت ان کي روشن ٿي ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ