Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 17:6 - Hindu Sindhi Bible

6 مون انهيءَ ناريءَ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي يسوع بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ ناريءَ کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو. آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 17:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“


جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘


اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس حاوي پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.


انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ آتما ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ اڳيان سيس نہ نوائين تن کي مارائي ڇڏي.


انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي وشواس رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ