Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 17:1 - Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ انهن ستن دوتن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور وئشيا کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ جن ستن ملائڪن وٽ ست پيالا هئا، تن مان هڪڙي اچي مون سان ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو تہ هيڏانهن اچ تہ جيڪا وڏي ڪسبياڻي گهڻن پاڻين تي ويٺي آهي، تنهن جي سزا توکي ڏيکاريان؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ انهن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پوءِ انھن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا ھئا، ھڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”ھيڏانھن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ کي ڪھڙي سزا ڏني ويندي، يعني انھيءَ وڏي شھر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 17:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پوِتر شاستر سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“


اتي جو اتي ٻہ شخص يسوع سان ڳالهيون ڪندي نظر آيا. اهي سنديش ڏيندڙ سنت موسيٰ ۽ ايلياہ هئا،


هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاش‌واڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست دوت جن وٽ ست آفتون هيون. اهي آفتون آخري آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن تي ايشور جو ڏمر پورو ٿئي ٿو.


زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ سنسار جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين ايشور اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي ڏمر جي مئي جو پيالو پيئاريو.


ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو دوت آڪاش مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جوت جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي.


بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور وئشيا جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان سنسار کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ايشور هن کان پنهنجي داسن جي خون جو بدلو ورتو.“


ان کان پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي ايشور جا سچا لفظ آهن.“


جنهن دوت مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي.


پوءِ اهي ست دوت جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي پتني آهي.“


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ