Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ مون پاڻين جي ملائڪ کي هيئن چوندو ٻُڌو تہ اي قدوس، تون جو آهين ۽ جو هُئين، تون عادل آهين، ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل ملائڪ کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پاڪ هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 مون پاڻيءَ واري ملائڪ کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اي قدوس! تون جو آھين ۽ جو ھئين، تون عادل آھين ۽ تو ئي اھڙو انصاف ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ ايشور جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ ڏمر ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن ايشور جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”ايشور سچو نہ آهي، جو هو ڏمر پرگھٽ ڪري ٿو.“


هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي


پرڀو پرميشور، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو سروِشڪتيوان فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


چوڻ لڳا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجو شڪر ادا ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي شڪتي ڏيکاري راڄ ڪرڻ لڳو آهين.


جڏهن ٽئين دوت پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو.


ايتري ۾ مون ٻليدان واري جاءِ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“


بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور وئشيا جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان سنسار کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ايشور هن کان پنهنجي داسن جي خون جو بدلو ورتو.“


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پوِتر، پوِتر، پوِتر، پرڀو پرميشور سروِشڪتيوان، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


انهن وڏي آواز سان رڙيون ڪندي تخت تي ويٺل هستيءَ کي چيو تہ ”اي پوِتر ۽ سچا مالڪ! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ