Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:19 - Hindu Sindhi Bible

19 زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ سنسار جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين ايشور اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي ڏمر جي مئي جو پيالو پيئاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ انهي وڏي شهر جا ٽي ٽڪرا ٿي پيا، ۽ قومن جا شهر ڪِري پيا: ۽ خدا جي حضور ۾ وڏي شهر بابل جي يادگيري ٿي، تہ کيس پنهنجي سخت غضب جي شراب جو پيالو پياري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 اھو وڏو شھر ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا شھر بہ ڪري پيا. اُن وڏي شھر بابل جو خدا کي خيال ٿيو تہ کيس پنھنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پياري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:19
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندن لاش انهيءَ شهر جي وڏي رستي تي پيا رهيا، جتي انهن جي پرڀوءَ کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو. انهيءَ وڏي شهر کي علامتي طور سدوم ۽ مصر سان ڀيٽي سگھجي ٿو.


پوءِ انهن ستن دوتن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور وئشيا کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.


اها ناري جيڪا تو ڏٺي سا اهو وڏو شهر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪمراني ٿو ڪري.“


انهيءَ ناريءَ جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، وئشيائن ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماتا،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.


اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو برين آتمائن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر اپوِتر آتما جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن اپوِتر ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


پوءِ هڪڙي ٻلوان دوت جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو.


ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جا پاپ ايشور جي تخت تائين اچي پهتا آهن، ۽ ايشور کي هن جون بدڪاريون ياد آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ