Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 16:18 - Hindu Sindhi Bible

18 انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيون؛ ۽ وڏو زلزلو ٿيو، اهڙو جو جڏهن کان ماڻهو زمين تي پيدا ٿيا، تڏهن کان وٺي اهڙو وڏو زلزلو ڪڏهن ڪونہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 انھيءَ تي کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيون ۽ وڏو زلزلو آيو. جڏھن کان ماڻھو زمين تي پيدا ٿيا آھن تہ اھڙو وڏو زلزلو ڪڏھن ڪونہ آيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 16:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ ان وقت واري مصيبت ايڏي تہ وڏي هوندي جيڪا سنسار جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.


انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي آڪاش واري ايشور جي مهانتا مڃڻ لڳا.


پوءِ ايشور جي هيڪل جيڪا آڪاش ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس ٻڌل وچن واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي ايشور جون ست آتمائون آهن.


جڏهن گھيٽڙي ڇهين مُهر ٽوڙي تڏهن مون ڏٺو تہ ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج پنهنجي روشني وڃائي ڄڻ ڪارو ويس ڍڪيو ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو.


پوءِ دوت اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي ٻليدان واري جاءِ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ