Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:18 - Hindu Sindhi Bible

18 انهيءَ ڳالهہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي ڏاهپ جي ضرورت آهي. جنهن کي سمجھہ آهي سو انهيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو عدد آهي ۽ اهو عدد ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڪنجي هيءَ آهي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ آهي سو انهي حيوان جو عدد ڳڻي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي؛ ۽ اُنهيءَ عدد جي معنيٰ ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ ڳالهہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي ڏاهپ جي ضرورت آهي. جنهن کي سمجھہ آهي سو انهيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو عدد آهي ۽ اهو عدد ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 انھيءَ ڳالھہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي سياڻپ جي ضرورت آھي، جنھن کي سمجھہ آھي، سو انھيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو ڪنھن ماڻھوءَ جو عدد آھي ۽ اھو عدد ڇھہ ⁠سؤ ڇاھٺ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ نفرت جهڙي شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.


پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”ايشور سچو نہ آهي، جو هو ڏمر پرگھٽ ڪري ٿو.“


سڀاڳو آهي اهو جيڪو انهيءَ لکت جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اهي جيڪي ٻڌي ڪري انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آهي.


مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي حاوي پيا هئا، سي ايشور جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.


انهيءَ ڀيد کي سمجھڻ لاءِ ڏاهپ گھرجي. اهي ست مٿا ست جبل آهن، جن تي اها ناري ويٺي آهي. اهي ست راجا بہ آهن.


دوت شهر جي ڪوٽ جي ماپ انساني هٿ موجب ڪئي تہ اهو هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿُلهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ