Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:15 - Hindu Sindhi Bible

15 انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ آتما ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ اڳيان سيس نہ نوائين تن کي مارائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ انهي ۾، يعني انهي حيوان جي بُت ۾ ڦوڪي ساهہ وجهي، تان تہ اُهو حيوان جو بُت ڳالهائي، ۽ جيترا ماڻهو انهي حيوان جي بُت جي پرستش نہ ڪن، تن کي مارائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ روح ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ کي سجدو نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 انھيءَ ٻئي حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي بوتي ۾ روح ڦوڪي وجھي، تہ جيئن اھو بت ڳالھائي ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ بت جي پوڄا نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:15
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مطلب تہ جيئن آتما کان سواءِ شرير مئل آهي، تيئن عمل کان سواءِ وشواس بہ مئل آهي.


پوءِ مون هڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. سندس هر سڱ تي هڪ تاج هو ۽ سندس هر مٿي تي ايشور نندا جو هڪ نالو لکيل هو.


انهيءَ حيوان پهرئين حيوان جي روبرو سندس سڄو اختيار ٿي هلايو. هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن کان انهيءَ پهرئين حيوان اڳيان سيس ٿي نورايو، جنهن جو موتمار زخم ڇٽي ويو هو.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو.


انهن جي ايذاءَ جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“


انهن ٻنهي دوتن جي پٺيان هڪڙو ٽيون دوت آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪي ماڻهو انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ پنهنجي پيشانيءَ يا هٿ تي سندس نشان هڻائين ٿا،


پهرئين دوت وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت اڳيان سيس نوائيندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.


ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن حاوي پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو پرڀوئن جو پرڀو ۽ راجائن جو راجا آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


انهيءَ لاءِ جو ايشور انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ راجا سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين راڄ‌ڀاڳ ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين ايشور جون ڳالهيون پوريون ٿين.


مون انهيءَ ناريءَ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي يسوع بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ ناريءَ کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آڪاش! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلؤ! اي يسوع بابت خوشخبري ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


ايشور جو سنديش ڏيندڙن توڙي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن، مطلب تہ جن کي بہ ڌرتيءَ تي ڪُٺو ويو آهي، تن سڀني جو رت تو ۾ ٿو ملي.“


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي چمتڪار ڏيکاري ڀَٽڪائي ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوجا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيوت ئي اڇلايا ويا.


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوجا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيوت ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ