Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 13:11 - Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي ڌرتيءَ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ مون هڪڙو ٻيو حيوان زمين مان نڪرندو ڏٺو؛ جنهن کي گهيٽي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پوءِ مون ھڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي گھيٽي وانگر ٻہ سڱ ھئا، پر ھن ازدھا وانگر ٿي ڳالھايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 13:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”سنديش ڏيندڙ انهن سنت سڏائڻ وارن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ايشور جا حقيقي سنت نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي پرڀو مسيح جي سيوا نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوجا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي ڀڳوان يا ديوتا ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو ايشور جي پوِتر گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”ايشور آءٌ آهيان.“


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن حاوي پئي کين ماري وڌائين.


ازدها کي ناريءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري هو ناريءَ جي باقي اولاد، يعني جيڪي ايشور جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ يسوع بابت شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هليو ويو


پوءِ مون هڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. سندس هر سڱ تي هڪ تاج هو ۽ سندس هر مٿي تي ايشور نندا جو هڪ نالو لکيل هو.


ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اهو نشان نہ هجي، يعني انهيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.


ماڻهن ازدها اڳيان سيس نوايو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان اڳيان بہ سيس نوايو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“


ان وقت مون ٽي اپوِتر آتمائون ڏيڏرن جي شڪل ۾ ڏٺيون، جيڪي ازدها جي وات مان، پهرئين حيوان جي وات مان ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان نڪتيون.


مون انهيءَ ناريءَ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي يسوع بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ ناريءَ کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ