Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 12:12 - Hindu Sindhi Bible

12 تنهنڪري اي آڪاشؤ ۽ آڪاشن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي ڌرتي ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهنڪري، اي آسمان، ۽ آسمان جا رهاڪو، خوشي ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ، اوهان جي لاءِ افسوس آهي: ڇالاءِ جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوهان ڏانهن لهي آيو آهي، ۽ خبر اٿس تہ باقي ٿورو وقت اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري اي آسمانؤ ۽ آسمانن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو! اوھين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوھان لاءِ افسوس آھي، ڇالاءِ⁠جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوھان ڏانھن لھي آيو آھي، انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 12:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح ايشور جي دوتن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ پاپي توبهہ ٿو ڪري.“


”آڪاش تي ايشور جي مهما هجي ۽ ڌرتيءَ تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ شانتي، جن کان هو راضي آهي.“


”تمام ٿورو وقت باقي آهي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


پر اي پريميؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ پرميشور جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر.


۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


ائين ٻي مصيبت بہ لنگھي ويئي. هاڻ ٽين مصيبت جلد اچڻ واري آهي.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


سو هن پنهنجو وات کوليو ۽ ايشور جي خلاف نندا ڪرڻ لڳو. هائو، هو ايشور جي نالي ۽ سندس تخت جي خلاف ۽ اتي رهڻ وارن جي خلاف نندا ڪندو رهيو.


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آڪاش! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلؤ! اي يسوع بابت خوشخبري ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن دوتن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“


ائين پهرين مصيبت گذري ويئي، پر ياد رکو، اڃا ٻہ ٻيون مصيبتون باقي اچڻيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ