Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 11:6 - Hindu Sindhi Bible

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آڪاش بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو سنديش ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 انھن شاھدن کي اختيار آھي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين ۽ جيستائين ھو پيشنگوئي ڪندا رھن، تيستائين مينھن نہ وسي. انھن کي پاڻيءَ تي اختيار آھي تہ ان کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ جيترا دفعا چاھين زمين تي ھر طرح جون آفتون آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 11:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آڪاش مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي وڌوائون هيون،


آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي سنديش ٻڌائين.“


ٻئي دوت پنهنجو پيالو سمنڊ تي هاريو تہ انهيءَ جو پاڻي مئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساهوارا مري ويا.


جڏهن ٽئين دوت پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو.


ٻئي دوت توتارو وڄايو تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو تہ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ