Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 11:10 - Hindu Sindhi Bible

10 ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ زمين جا رهاڪو انهن جي موت ڪري خوشيون ۽ تماشا ڪندا؛ ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا؛ ڇالاءِ جو هنن ٻن نبين زمين جي رهاڪن کي پريشان ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 زمين تي رھڻ وارا انھن جي موت تي خوشيون ۽ تماشا ڪندا ۽ ھڪ ٻئي ڏانھن سوکڙيون موڪليندا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ٻنھي نبين ماڻھن کي ڏاڍو پريشان ڪيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 11:10
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ سنسار خوش ٿيندو. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.


سنسار اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿو سگھي پر اهو مون کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


جڏهن پئنچائت جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو سنتن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


پريم بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿو ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿو.


سو جڏهن انهيءَ ازدها ڏٺو تہ کيس ڌرتيءَ تي ڪيرايو ويو آهي، تڏهن هو انهيءَ ناريءَ کي ستائڻ لاءِ سندس پٺيان لڳو جنهن کي پٽ ڄائو هو.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


پنجين دوت پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي راڄ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ