Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:7 - Hindu Sindhi Bible

7 اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين هنن منهنجي دل کي بہ تازگي بخشي آهي، جهڙيءَ طرح اوهان جي دلين کي تازگي بخشين ٿا. سو اهڙن ماڻهن جو قدر ڪريو.


سو اسان کي تسلي ملي آهي. انهيءَ تسليءَ کان علاوہ طيطس کي خوش ڏسي اسان کي پڻ نهايت گھڻي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هن جي دل جي تازگيءَ جو سبب بڻيا.


انهيءَ لاءِ اهو سڀ آءٌ دليريءَ سان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايان ٿو. مون کي اوهان تي ڏاڍو فخر آهي. مون کي پوري تسلي ٿي ويئي آهي. هاڻ اسان تي مصيبتن اچڻ جي باوجود بہ منهنجي دل خوشيءَ سان ٽمٽار رهي ٿي.


هائو، اوهان جي وشواس واري عمل، پريم ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي ايشور پتا جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ ايشور جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي ايشور جو سنديش مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن ايشور جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان وشواسين تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


ڀلا، اسان جي پرڀو يسوع جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس شرڻ ۾ حاضر هوندا؟


اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي ايشور جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ادا ڪريون!


پرڀو يسوع شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي ديا ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين.


اي ڀاءُ! آءٌ چاهيان ٿو تہ پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري مون کي تو کان اهو فائدو ملي. ائين مسيح ۾ منهنجي دل کي تازگي ڏي.


آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پتا اسان کي حڪم ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ