Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:22 - Hindu Sindhi Bible

22 انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين پرارٿنائن جي وسيلي پرڀو مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 انهي کانسواءِ منهنجي رهڻ لاءِ جاءِ بہ تيار ڪري ڇڏج: جو آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي آئون اوهان کي بخشيو ويندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي عيسيٰ مسيح مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:22
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي ايشور تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘


پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين ايشور جي راڄ بابت سمجھائيندي پولس کين اُپديش ڏيندو رهيو، جنهن ۾ يسوع بابت کين مڃائڻ لاءِ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.


سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو.


جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين پرارٿنائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين پرارٿنائن جي وسيلي اسان تي ڪرپا ٿي ويندي، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو ايشور جو شڪر ڪندا.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي پرارٿنائن ۽ يسوع مسيح جي مليل آتما جي مدد سان آءٌ قيد مان ڇڏائجي ويندس.


بلڪ مون کي پرڀو يسوع تي ڀروسو آهي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.


آءٌ اوهان کي خاص طور منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوهان وٽ وري اچي سگھان.


آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان تہ اسان جي وشواسي ڀاءُ تيمٿيس کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو جلد مون وٽ آيو تہ هو بہ مون سان گڏ اچي اوهان سان ملندو.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائڻيون آهن، جيڪي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوهان سان ملي ڳالهيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.


اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالهائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ