Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:14 - Hindu Sindhi Bible

14 تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر تنهنجي مرضيءَ کانسواءِ مون ڪي بہ ڪرڻ ڪين گهُريو؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي نيڪي ڪنهن بہ صورت ۾ لاچاريءَ سان نہ ٿئي، پر خوشيءَ سان ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر تنھنجي مرضيءَ جي ابتڙ مون ڪجھہ بہ ڪرڻ ڪين گھريو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن منھنجي مدد مجبوريءَ سان نہ، پر تنھنجي خوشيءَ سان ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان پرچار ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي لاڀ جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،


ڇا ڪڏهن ڪو پنهنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو مالهي آهي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنار آهي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انهيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو پيئي؟


مطلب تہ وشواس جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


تنهنڪري مون طيطس وارن کي اهو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ هو اڳواٽ اوهان وٽ اچن ۽ جنهن امداد جو اوهان وچن ڪيو آهي، سا پهريائين گڏ ڪري رکن، تہ جيئن اها مجبوريءَ سان نہ بلڪ خوشيءَ سان ڏنل هجي.


هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ ايشور خوشيءَ سان ڏيڻ واري سان پيار ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ