Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:31 - Hindu Sindhi Bible

31 ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ڇالاءِ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏني ۽ چيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ جڏهن هو ماريو ويندو تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:31
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“


ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ فصح جو تهوار ايندو. ڏسو، تڏهن منش‌پتر کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيوت هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيوت ٿي اٿندس.‘


اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“


يسوع پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ٿي اُٿي.“


تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پوِتر شاستر ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ منش‌پتر گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟


ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


”هيءَ ڳالهہ پنهنجي هينئين سان هنڊايو تہ منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.“


منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پتا وٽان مليو آهي.“


يسوع وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“


جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن منش‌پتر بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،


جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ راڄ بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ