Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:2 - Hindu Sindhi Bible

2 ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي هڪ مٿاهين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏهن انهن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي پيئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڇهن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي هڪ مٿاهين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏهن انهن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي ھڪ مٿاھين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏھن انھن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چيلن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا.


پوءِ هن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. ان وقت کيس سخت پريشاني ۽ بي‌چيني وٺي ويئي.


انهيءَ کان پوءِ يسوع ٻئي روپ ۾ چيلن مان ٻن ڄڻن کي درشن ڏنو، جيڪي رستو وٺيو ٻهراڙيءَ ڏانهن پئي ويا.


پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ اوڏانهن هلڻ جي آگيا نہ ڏني.


هڪڙي ڏينهن يسوع جبل تي پرارٿنا ڪرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذاريائين.


اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


پاڻ کي هن انتم زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ ايشور جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ ايشور کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ ايشور جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


جيئن تہ نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ثابت ٿي ويندي،“ سو ياد رکو تہ هي ٽيون دفعو آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن پيو اچان.


هو پنهنجي انهيءَ شڪتيءَ سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس شرير کي بدلائي پنهنجي مهانتا واري شرير جي روپ جهڙو ڪندو.


پوءِ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري ڌرتي ۽ آڪاش گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ