Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:33 - Hindu Sindhi Bible

33 يسوع ڦري چيلن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 پر هن ڦري پنهنجن شاگردن ڏانهن نگاهہ ڪري پطرس کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: ڇالاءِ تہ توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جي ڳالهين جو فڪر اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانھن منھن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر سوچين ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:33
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يسوع ان ناريءَ کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس چيلن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”گرو! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“


يسوع ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“


پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا هئا تن ڏانهن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”ڏسو، منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر هي آهن،


يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


تڏهن پرڀوءَ ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي پرڀوءَ جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“


تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“


پر يسوع ڦري هنن کي ڇينڀيو


انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس شرير واريون خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس آتما پرڀوءَ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.


اهڙن ماڻهن جو انت بربادي آهي، انهن جو ايشور سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو سنساري شين جي چنتا ٿي رهي.


پوءِ جيڪڏهن ڪو واقعي ڏوهي ثابت ٿئي تہ ان کي سڀني ماڻهن جي اڳيان ڦٽ لعنت ڪر، تہ جيئن ٻين کي بہ ڊپ ٿئي.


سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان ڇينڀيندو ڪر، تہ جيئن سندن وشواس درست ٿي وڃي


هاڻ جيئن تہ مسيح هن پاپي سنسار ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن پاپي سنسار ۾ تڪليف سٺي آهي، سو پاپ تي حاوي پيو آهي.


نہ سنسار سان پيار ڪريو، نڪي انهن شين سان جيڪي سنسار جون آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي سنسار سان پيار آهي تہ انهيءَ ۾ ايشور پتا جو پيار ڪونہ آهي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ