Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:31 - Hindu Sindhi Bible

31 يسوع پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ٿي اُٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 پوءِ هو اُنهن کي تعليم ڏيڻ لڳو، تہ ضروري آهي تہ ابن آدم گهڻيون سختيون سَهي، ۽ بزرگ ۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ کيس رد ڪن، ۽ هو ماريو وڃي، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ٿي اُٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 عيسيٰ شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي. بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪندا ۽ ماريندا. پوءِ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:31
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن منش‌پتر بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيوت هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيوت ٿي اٿندس.‘


ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.


پر پهريائين منش‌پتر کي ڪيتريون ئي سختيون سهڻيون پونديون ۽ هن زماني جي ماڻهن کان رد ڪيو ويندو.


ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي پاپي قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو سنديش، جيڪو انتم ڏينهن هن کي پاپي قرار ڏيندو.


يسوع وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“


اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي ايشور حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ دوت جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ درشن ڏنو هو.


پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيوت ڪيو ويو جيئن پوِتر شاستر ۾ فرمايل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ