Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:2 - Hindu Sindhi Bible

2 ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تہ مون کي هنن ماڻهن تي رحم ٿو اچي، جو هو ٽي ڏينهن ساندهہ مون سان گڏ رهيا آهن، ۽ کائڻ لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي کين ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.


يسوع کي انهن تي ديا اچي ويئي، سو سندن اکين تي هٿ لاتائين تہ اهي هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اهي بہ سندس پٺيان هلڻ لڳا.


ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي يسوع جي دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن.


يسوع کي هن تي ديا آئي، سو پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي چيائينس تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“


پر يسوع کيس آگيا نہ ڏني، اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ پرڀوءَ تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر هو تو تي ديالو رهيو.“


سو هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانا ٿي ويا.


جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.


سو جيڪڏهن آءٌ انهن کي پنهنجن گھرن ڏانهن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اهي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ڪيترائي پري کان آيل آهن.“


ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“


سو هو اُٿي پنهنجي پتا ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پتا کي مٿس ديا آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.


جڏهن پرڀوءَ ان وڌوا کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ديا آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو ديالو ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي پاپن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ پاپي نہ رهيو.


هو جاهلن ۽ ٺڳجي ويندڙن سان نرميءَ واري هلت ڪري ٿو، ڇو تہ هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ ڦاٿل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ