Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:6 - Hindu Sindhi Bible

6 تنهن تي يسوع چين تہ ”ايشور اوهان پاکنڊين بابت يسعياہ سنت جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 هن چيو تہ اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪري ويو آهي، جو لکيل آهي تہ ”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”خدا اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان رياڪارن جي بابت يسعياہ ڪھڙي نہ پيشنگوئي ڪري ويو آھي تہ ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي، پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھُري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پتا کان نفرت ڪن ٿا.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کان واقف آهيان تہ اوهان جي دلين ۾ ايشور لاءِ پريم نہ آهي.


سو اهي پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، تڏهن پولس کين هڪڙي ڳالهہ چئي تہ ”پوِتر آتما سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي بلڪل صحيح فرمايو هو، جڏهن يسعياہ کي حڪم ڏنو هئائين تہ


اهي ڌرمچاريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.


اهي ايشور کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ