Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:5 - Hindu Sindhi Bible

5 سو انهن فريسين ۽ نيم شاسترين يسوع کان پڇيو تہ ”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ اپوِتر هٿن سان ڇو ٿا روٽي کائين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 سو فريسين ۽ فقيهن کانئس پڇيو تہ تنهنجا شاگرد ڇالاءِ وڏن جي روايتن موجب نٿا هلن، پر پليت هٿن سان ماني ٿا کائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 سو انهن فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ پليت هٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 سو فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان اچي پڇيو تہ ”اوھان جا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا ھلن ۽ پليت ھٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ رسوئي کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“


اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن سان ايشور جو وچن رد ٿا ڪريو. اهڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اوهين ڪريو ٿا.“


يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ايشور جا حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آهيو.


اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر ايشور جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها سکيا ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي نيم کان ڦري وڃن، ٻارن جو ختنو نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن.


سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پوِتر ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ نيم تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو.


ان سان گڏوگڏ هو انهن ختنو ٿيلن جو بہ پتا آهي، جيڪي نہ رڳو ختنو ٿيل آهن پر وشواس وارو اهڙو جيون گذارين ٿا جهڙو اسان جي پتا ابرهام ختني کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاريو.


آءٌ يهودي ڌرم جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرمي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس.


تنهن هوندي بہ اسين ٻڌون ٿا تہ اوهان مان ڪي ماڻهو اجايو وقت ٿا وڃائين. اهي پاڻ تہ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، بلڪ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ٿا ڏين.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ وشواسيءَ کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب جيون نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ