Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:34 - Hindu Sindhi Bible

34 جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لھي آيو ۽ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏھن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھو نڌڻڪين رڍن وانگر ھئا. تنھنڪري ھو کين گھڻيون ئي ڳالھيون سيکارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:34
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.


يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“


ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي يسوع جي دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن.


تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي ماڻهن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اهي سڀيئي پيرين پيادا شهرن مان نڪري پيا ۽ تڪڙا تڪڙا وڃي هنن کان بہ اڳي انهيءَ جاءِ تي پهتا.


جڏهن سج گھڻو لڙي ويو، تڏهن چيلن يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ اسين هتي ويران هنڌ تي آهيون.


هڪڙي ڏينهن وري ماڻهن جو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ هو. تنهن تي يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ


”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين.


پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ يسوع جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين ايشور جي راڄ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي.


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو ديالو ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي پاپن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ پاپي نہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ