Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:2 - Hindu Sindhi Bible

2 سبت جي ڏينهن تي هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن سبت جو ڏينهن آيو، تڏهن هو عبادتگاهہ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو: ۽ گهڻا ماڻهو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي اِهي ڳالهيون ڪٿان آيون؟ ۽ اها ڪهڙي دانائي آهي جا هن ماڻهوءَ کي ملي آهي، ۽ سندس هٿان ڪيڏا نہ معجزا ٿا ٿين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سبت جي ڏينهن تي هو عبادت‌خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 جڏھن سبت جو ڏينھن آيو تہ ھو عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻھو ھن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھن اھي ڳالھيون ڪٿان سکيون آھن؟ اھا ڪھڙي دانائي آھي جا کيس ملي آھي؟ ھو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


جڏهن يسوع هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس سکيا تي حيران ٿي ويئي،


پوءِ هو گليل جي پوري علائقي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پرچار ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.


پوءِ يسوع گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.


جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا.


هن ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏني ۽ سڀني سندس ساراهہ ڪئي.


انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو يسوع نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماتا پتا کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آڪاش مان پرگھٽ ٿيو آهيان؟‘“


تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن سکيا ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ