Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:12 - Hindu Sindhi Bible

12 پوءِ اهي روانا ٿي ويا ۽ ماڻهن ۾ وڃي پرچار ڪرڻ لڳا تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 پوءِ اُهي روانا ٿيا، ۽ منادي ڪرڻ لڳا تہ توبهہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ اهي روانا ٿي ويا ۽ ماڻهن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳا تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 پوءِ اھي روانا ٿي ويا ۽ ماڻھن ۾ وڃي تبليغ ڪيائون تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:12
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هدايتون ڏيئي چڪو تڏهن هو اتان روانو ٿيو، تہ جيئن ويجھن شهرن ۾ وڃي سکيا ڏئي ۽ پرچار ڪري.


جن شهرن ۾ يسوع تمام گھڻا چمتڪار ڏيکاريا هئا ۽ ان جي باوجود بہ اتي جي ماڻهن پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪئي هئي، تن کي ننديندي هن چيو تہ


”توبهہ ڪريو جو آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“


اهڙا ڪم ڪريو جن مان سڌ پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن پاپن تي پڇتايو آهي.


سو انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“


سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پوِتر شاستر جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


”وقت اچي ڀريو آهي ۽ ايشور جو راڄ ويجھو آيو آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي وشواس آڻيو.“


هاڻي رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو، هن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“


نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يوناہ جي پرچار تي ئي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يوناہ کان بہ مهان آهي.“


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آهي، پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح ايشور جي دوتن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ پاپي توبهہ ٿو ڪري.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ پاپي جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آڪاش تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.


تڏهن اهي چيلا روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ايشور جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۽ هر هنڌ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳا.


جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي.


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي پرڀو يسوع تي وشواس آڻين.


پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اهو پرچار ڪيو تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان سڌ پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي.


تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ