Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:43 - Hindu Sindhi Bible

43 پوءِ يسوع انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڪنيا کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 پوءِ هن انهن کي سخت تاڪيد ڪئي تہ هن ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي: ۽ چيائين تہ ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 پوءِ عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 پوءِ عيسيٰ انھن کي سخت تاڪيد ڪيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ کين چيائين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:43
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ يسوع کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“


پوءِ يسوع هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“


تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ يسوع کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“


تڏهن يسوع هڪدم کيس روانو ڪندي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ


پر يسوع انهن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ٿي ڪيو تہ ”مون کي ظاهر نہ ڪريو.“


تنهن تي ڪنيا هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي. هن جي عمر ٻارهن سال هئي. اهو ڏسي سڀيئي ڏاڍو حيران ٿي ويا.


پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو هن وڌيڪ تاڪيد ڪيو هئن، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ ماڻهن ۾ پڌري ڪئي.


پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ يسوع کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“


پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين.


پوءِ يسوع کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“


مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجو مان ڪن،


ايشور سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيوت ٿي اٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ