Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:35 - Hindu Sindhi Bible

35 يسوع اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي گروءَ کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 اڃا هن ڳالهايو ئي پئي، تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪن ماڻهن اچي چيو تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 عيسيٰ اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 عيسيٰ اڃا ڳالھائي رھيو ھو تہ اوڏيءَ مھل يائرس جي گھران ماڻھو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي، ھاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:35
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع سندن اها ڳالهہ ٻڌي چيو تہ ”اوهين هن ناريءَ کي ڇو ٿا ستايو؟ هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي،


يسوع هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’گرو چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي چيلن سميت فصح جو تهوار اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“


جڏهن يسوع انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سيس نوائي چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيوت ٿي پوندي.“


يسوع جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪريان؟“


انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو يسوع کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو.


اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ ڀڳتيءَ واري جاءِ جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي گروءَ کي تڪليف نہ ڏي.“


مارٿا يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها.


يسوع کيس چيو تہ ”قيامت ۽ جيون تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ جيوت رهندو


هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! گرو آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


جڏهن مريم يسوع وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“


يسوع چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ