Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:24 - Hindu Sindhi Bible

24 تنهن تي يسوع ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو يسوع تي ڳاهٽ پئي ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تنهن تي هو ساڻس گڏجي ويو، ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان اُٿي هليو، ۽ ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تنهن تي عيسيٰ ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو عيسيٰ تي ڳاهٽ پئي ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 تنھن تي عيسيٰ ان سان گڏجي ھليو تہ ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھلڻ لڳو ۽ ماڻھو عيسيٰ تي ڳاھٽ پئي ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي.


هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“


انهيءَ ميڙ ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو.


تنهن تي سندس چيلن وراڻيس تہ ”گرو! ماڻهو اوهان تي پيا ڳاهٽ ٿين ۽ اوهين چئو ٿا تہ ’ڪنهن مون کي هٿ لاتو آهي.‘“


جيئن پوءِ تيئن يسوع جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.


ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ يسوع جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن يسوع انهن جي اڳيان پنهنجي چيلن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”پاکنڊپائي فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو.


هن جي مرضي هئي تہ ”ڏسان تہ يسوع ڪهڙو آهي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇو تہ هن جو قد ننڍو هو.


تڏهن يسوع انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سوامي! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو،


هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن سال هئي سا مرڻ تي هئي. پوءِ جيئن جيئن يسوع ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.


تڏهن يسوع پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”گرو! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ