Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:22 - Hindu Sindhi Bible

22 انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو يسوع کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ عبادتخاني جي سردارن مان هڪڙو يائرس نالي آيو؛ ۽ کيس ڏسي پيرين پيس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو يائرس نالي ھڪڙو اڳواڻ عيسيٰ کي ڏسي سندس پيرن تي ڪري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


هاڻي جڏهن ان ناريءَ سمجھيو تہ هوءَ چڱي ڀلي ٿي پئي آهي، تڏهن ڊڄندي ۽ ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي هٿ رکي کيس سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين.


جڏهن اهي يائرس جي گھر وٽ پهتا تہ يسوع ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍيان روئن پٽين پيا.


اهو ڏسي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ يسوع جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاپي آهيان.“


هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“


جڏهن اتي نيم شاستر ۽ پوِتر شاستر جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“


تنهن تي انهن سڀني گڏجي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس درٻار جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گَليوءَ کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.


ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت پرڀو يسوع تي وشواس آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو سنديش ٻڌي وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون.


آءٌ يوحنا اهو آهيان جنهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏهن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏهن انهيءَ دوت جي پيرن تي ڪري سندس آڏو سيس نوائڻ لڳس، جنهن مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ