Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:18 - Hindu Sindhi Bible

18 پوءِ جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ تي ٿي چڙهيو، تڏهن جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هئا، تنهن عرض ڪيس تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو پئي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ اڳ ڀوت ھئا تنھن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي ھلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


هو يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.


جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو هو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي.


تنهن تي انهن يسوع کي منٿ ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“


۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ ايشور جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ