Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:13 - Hindu Sindhi Bible

13 يسوع انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهن تي هن کين موڪل ڏني، ۽ اُهي ڀوت نڪري سوئرن ۾ وڃي پيا، ۽ اُهو ڌڻ، جو شمار ۾ اٽڪل ٻہ هزار هو، سو اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائي مئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏھن ٻہ ھزار سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پوِتر شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏهن اهي انهن مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ ڏسندي ڏسندي سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ لاهيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.


سو يسوع کي ڀوتن وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“


جيڪي ماڻهو سوئرن جو ڌڻ چاري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهہ ٻڌايائون. تڏهن ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.


اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن.


جڏهن هزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان آزاد ڪيو ويندو.


انهيءَ ماڪڙ جو راجا اوڙاهہ وارو دوت هو، جنهن جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آهي، جن جي معنيٰ آهي ”ناس ڪندڙ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ