Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:8 - Hindu Sindhi Bible

8 جڏهن تہ ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اهي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيهہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ سؤ داڻا بہ ڦر هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا، ۽ اُهي اُڀريا، ۽ وڌيا، ۽ ڦر جهليائون، ڪن ٽيهوڻو، ڪن سٺوڻو، ۽ ڪن سؤڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن تہ ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اهي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيهہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ سؤ داڻا بہ ڦر هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اھي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيھہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا بہ ڦر ھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، ان کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ.“


پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ داڻا بہ ڦر هو.“


ٻيا ماڻهو ان ڀليءَ زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ انهن مان ڪي ٽيهوڻو، ڪي سٺوڻو ۽ ڪي وري سؤڻو ڦر جھلين ٿا.“


ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انهن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انهن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو.


پوءِ يسوع چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سؤڻو ڦر ڏنائون.“ اهي ڳالهيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


آءٌ ول آهيان ۽ اوهين منهنجيون ٽاريون آهيو. جيڪو مون ۾ رهي ٿو، تنهن ۾ آءٌ رهان ٿو ۽ اهو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇاڪاڻ تہ مون کان جدا ٿي اوهين ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ سکيا بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها ايشور وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت ايشور جو سنديش وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پوِتر شاستر پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.


هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پرميشور لاءِ هڪ مخصوص ۽ پوِتر گھر ٺهندو وڃي ٿو.


اهڙيءَ طرح ايشور جي مهانتا ظاهر ڪرڻ ۽ سندس مهما لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو يسوع مسيح جي وسيلي ملي ٿو.


جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ ايشور جي ڪرپا ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي سنسار ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ