Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:20 - Hindu Sindhi Bible

20 ٻيا ماڻهو ان ڀليءَ زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ انهن مان ڪي ٽيهوڻو، ڪي سٺوڻو ۽ ڪي وري سؤڻو ڦر جھلين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ جي ڀلي زمين ۾ پوکيا ويا، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا، ۽ قبول ٿا ڪن، ۽ ٽيهوڻو ۽ سٺوڻو ۽ سؤڻو ڦل ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ٻيا ماڻهو ان ڀليءَ زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي پيغام ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ انهن مان ڪي ٽيهوڻو، ڪي سٺوڻو ۽ ڪي وري سؤڻو ڦر جھلين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ٻيا ماڻھو ان ڀلي زمين مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ اھي ٽيھوڻو، سٺوڻو ۽ سوء⁠ڻو ڦر جھلين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، ان کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ.“


پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ داڻا بہ ڦر هو.“


جڏهن تہ ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اهي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيهہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ سؤ داڻا بہ ڦر هو.“


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پتا کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.


منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ نيم جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيوت ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ ايشور جي لائق ڦل جھلينداسين.


اهڙيءَ طرح ايشور جي مهانتا ظاهر ڪرڻ ۽ سندس مهما لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو يسوع مسيح جي وسيلي ملي ٿو.


اها پرارٿنا اسين انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن اوهين پنهنجو جيون پرڀو يسوع جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ پرڀو يسوع ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ ايشور کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن جيون گذارجي، جيڪو اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


جيڪڏهن اهي خوبيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون رهنديون تہ اهي اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح کي ڄاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي‌ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ