Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:1 - Hindu Sindhi Bible

1 يسوع وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي سکيا ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو ھو پاڻ ڍنڍ ۾ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو سکيا ڏيڻ لڳو.


يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ يسوع عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.


جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“


پوءِ هنن خلق کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ جنهن ٻيڙيءَ ۾ يسوع اڳي ئي ويٺل هو، تنهن ۾ چڙهي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انهيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ هليون.


اڃا يسوع ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو.


يسوع جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ڦري آيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ