Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:2 - Hindu Sindhi Bible

2 ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هنن ويٺي نهاريس، تہ ڪٿي هو سبت جي ڏينهن ڇُٽائيس تہ مٿس تهمت آڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن شفا ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڪي ماڻھو انھيءَ تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ ھن کي سبت جي ڏينھن شفا ڏئي تہ ھو مٿس تھمت ھڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ يسوع ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي؟“


تڏهن يسوع سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“


هڪ دفعي يسوع سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر رسوئي کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.


پوءِ هو يسوع کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي يسوع کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين.


جيئن تہ ڪي نيم شاستري ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن يسوع ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.


انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر يسوع نِوڙي زمين تي پنهنجي آڱر سان لکڻ لڳو.


تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو ايشور جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو پاپي آهي سو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ